ديوان ننديرام

ديوان ننديرام: نامور اديب، جاگرافيءَ جو ماهر ۽ مترجم ديوان ننديرام ولد ٿڌو مل ميراڻي، 1819ع ۾ سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان سيوهڻ جي ميراڻي عالمن مان هو. کيس سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ هندي ٻولين تي عبور حاصل هو. هن سيوهڻ ۾ تعليم جي لحاظ کان پٺتي پيل سنڌي ٻارن لاءِ هڪ خانگي اسڪول کوليو، جنهن کي هن پنهنجو ذريعه معاش بڻايو، پر ان وقت زياده تر طبقو اڻپڙهيل هو ۽ تعليم جي اهميت کان غير واقف هو. انهيءَ ڪري سندس اسڪول ڪاميابيءَ سان نه هلي سگهيو. ان ڪري اهو اسڪول بند ڪري سرڪاري نوڪري ورتائين. هن پنهنجي قابليت ۽ محنت سان هڪ مضمون ’تاريخ معصومي‘ جي سنڌي ترجمي بابت لکيو، جيڪو هن سر ايلس بئرو طرفان ڏنل اشتهار پڙهي ڪيو هو، جنهن تي 100 رپيا انعام رکيل هو، جنهن ۾ هندن توڙي مسلمانن حصو ورتو. فيصلي ڪندڙ ڪميٽيءَ، ديوان ننديرام جي ترجمي کي پسند ڪيو ۽ کيس 100 بدران 200 روپيا انعام ڏنو. حڪومت قابليت جي اعتراف ۾ کيس تعليم کاتي ۾ ترجمان (Translator) جي عهدي تي فائز ڪيو. هن حڪومت طرفان سنڌي صورتخطي لاءِ مقرر ڪميٽيءَ ۾ سرگرم ميمبر طور ڪم ڪيو. 1853ع ۾ سنڌي صورتخطيءَ تيار ٿيڻ کان پوءِ پهريون درسي ڪتاب ’بابنامو‘ جوڙيو. ان کان سواءِ هن ڪتاب ’ايسپ جون آکاڻيون‘ ترجمو ڪيو. هن سنڌي نثر توڙي نظم ۾ مختلف موضوعن ۽ صنفن تي ڪتاب لکيا. خاص ڪري نثر ۾ هن ڪيترائي معلوماتي ۽ دلچسپ ڪتاب لکيا، جن ۾ ’باب نامو‘، ’ڌرتي نروار‘، ’پئمائش حساب‘ ۽ ’ايسپ جون آکاڻيون‘ قابل ذڪر آهن. انگريزن جي اوائلي دؤر ۾ عربي- سنڌي لکڻ پڙهڻ سيکارڻ جي شروعات ’باب نامي‘ کان ٿي هئي، جنهن کي تعليم کاتي سنڌ، گورنمينٽ پريس بمبئيءَ مان ليٿو ۾ ڇپائي نصاب ۾ شامل ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ ديوان هِجي جو طريقو ڪم آندو هو.
ديوان جو هڪ ٻيو ڪتاب ’تاريخ سنڌ‘ سليس ۽ سنڌي ادب جي نئين دؤر جو پهريون ڪتاب آهي. تعليم جي موضوع تي هن جو لکيل ڪتاب ’سيکائتو نروار‘ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون لاجواب ڪتاب آهي، جنهن ۾ انتظامي معاملن ۽ تعليم جا سادا اصول ۽ هدايتون شامل آهن. ان کان سواءِ سندس ٻين ڪتابن ۾: پئمائش حساب (انگريزيءَ تان ترجمو، حسابي سکيا: 1855ع)، ’جبر و مقابله‘ (انگريزيءَ تان ترجمو: 1856ع)، ’ليکي جو ڪتاب‘ (انگي حساب: 1856ع)، جغرافيه جديد‘ (دنيا جي جاگرافي: 1858ع) وغيره شامل آهن. هن پنهنجي سڄي زندگي ادب جي خدمت ڪئي.
ديوان ننديرام، 15 مئي 1875ع تي وفات ڪئي.


لفظ ديوان ننديرامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو